جيسراڻي ڌرمپال

جيسراڻي، ڌرمپال: پروفيسر ڌرمپال ولد راجا داس جيسراڻي 9 ڊسمبر 1940ع تي تعلقي قنبر جي ڳوٺ ’ڀولا ڪلهوڙا‘ ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم 1952ع ڌاري ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر، انٽر ۽ بي. ايس. سي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ ايم. ايس. سي (فزڪس) 1975ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي. پروفيسر ڌرمپال 1962ع ڌاري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ فزڪس شعبي ۾ ’ڊمانسٽريٽر‘ طور مقرر ٿيو. 8 ڊسمبر 2000ع تي 60 سال عمر ٿيڻ سبب رٽائر ٿيو. لاڙڪاڻي ۾ 1964ع کان 1966ع تائين ’ڪاليج ڊرامن‘ جو انچارج رهيو. پروفيسر ڌرمپال نصابي رفرنس بڪ ۽ پرئڪٽيڪل جنرل پڻ لکيا آهن جن ۾: ’Viva Voce‘ (فزڪس 1964ع) ’پنج ڏڻ‘، ’پاڪستان جا معاشي مسئلا‘، ’فزڪس پريڪٽيڪل جنرل‘، ’مسلم سياسي مفڪر ‘۽ ٻيا 1970ع ڌاري لکيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو